استاد نظاماڻي

استاد نظاماڻي: استاد نظاماڻيءَ جو اصل نالو محمد ابراهيم ولد محمد هاشم نظاماڻي آهي. هي 15 مارچ 1969ع تي سانگهڙ ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي سنڌي (1993)، بي. ايڊ (2001ع) اٿس. هي سانگهڙ مان نڪرندڙ سلسليوار رسالي ’جهونگار‘جو ايڊيٽر رهيو آهي. جنھن جا 25 پرچا ڪڍي چڪو آهي. هي نثر نويس، محقق ۽ ڪھاڻيڪار آهي. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”حُر تحريڪ“ (2005ع)، ”جاڳ“ (رمضان راهي، اي آر آزاد ۽ امر لغاري سان گڏ استاد نظاماڻيءَ جي ڪھاڻين ۽ شاعري جو گڏيل مجموعو: 1993ع)، ”جي گهارياسين بند ۾“ (2006ع، حُر تحريڪ جي ٽن ڪردارن الھورايي بهڻ، حاجي ولي محمد نظاماڻي ۽ حاجي گل محمد نظاماڻيءَ جي يادن تي مشتمل)، دفاع وطن ۾ حُرن جو ڪردار (ترتيب) ۽ جنين مرڪايو ميدان (ترتيب) شامل آهن. سندس ڪراچيءَ کان ڪالام تائين سفر نامو اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي، هو شھيد صبغت الله شاهه چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي. هن وقت هاءِ اسڪول ٽيچر (H.S.T) آهي ۽ سانگهڙ ۾ رهي ٿو.


لفظ استاد نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو